پنجاهه غزل ڪتاب

پنجاهه غزل ڪتاب

پنجاهه غزل

پنجاهه غزل (ڪتاب): هند ۽ سنڌ جي نامور شاعر ايم. ڪمل جي 50 غزلن تي مشتمل هي ڪتاب، ڪمل ڪتاب گھر، الهاس نگر پاران ڊسمبر 1983ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو پبلشر ايم. ايم. بندراڻي آهي، جنهن پبلشر نوٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”ادب ۽ تخليق، زنده قوم جي نشاني آهي، ٻولي ۽ تهذيب جي وجود کي خطرو محسوس ڪندي، اسان کي ادب جي ميدان کان جنگ وڙهڻي پوندي.“ ايم ڪمل ’پنهنجي پاران‘ ۾ لکيو آهي ته: ”مان نٿو ڄاڻان ته منهنجي عمر گھڻا ڪتاب آهي. منهنجي زندگي ۽ منهنجو موت، انهن ۾ ئي ڦلجندو آهي ۽ ڦلجندو رهي ٿو ۽ ڦهلجندو رهندو.“ ۽ شاعريءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو هي اهم شاعر لکي ٿو: ”محبت جيان شاعري ڪبي ناهي، ٿي ويندي آهي.“ ڊيمي سائيز جي 50 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ويهه روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو